اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم لکين جلسا ڪري احتساب جي عمل تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، لاهور ۾ پي ڊي ايم جو شو فلاپ رهيو، انهن جي جلسي کي عوام رد ڪري ڇڏيو، مخالف ڌر پارٽيون ??ڪومت کان استعيف??ٰ وٺڻ آيون هيون ۽ هاڻي استعيفيٰ ڏيڻ تي اچي ويون ??هن، مخالف ڌر کي چوري جو حساب ڏيڻو پوندو، وزي??اع??م عمران خان پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو.