اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي 144 هين سالگرهه تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان قائداعظم محمد علي جناح کي ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار ملڪ جي ق??ام لاءِ سندس ڪردار کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن چيو ته اسان پاڪستان کي مستحڪم ۽ خ??شح??ل ملڪ بڻائڻ لاءِ قائداعظم جي نظرين تي عمل ڪرڻ جو وچن ڪريون ٿا.صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته قائداعظم محمد علي جناح ٻه قومي نظريو پيش ڪيو، هو اقليتن جي حقن جو سڀ کان وڏو حامي هو ۽ انهن جي حقن جي حفاظت جي ضمانت ڏني هئي.