اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشي استحڪام جي ثمرن کي جلد عام ماڻهو تائين پهچائڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ??دم کنيا وڃن. هو پنهنجي صدارت هيٺ حڪومتي معاشي ٽيم جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير عبدالحفيظ شيخ، صلاحڪارن عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عشرت حسي??، خاص معاونين نديم بابر ۽ وقار مسعود کان??وا??ِ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.