اسلام آباد – 20 نومبر (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميراتي ڪم ۾ تيزي سان ملڪي معيشت ۾ بهتري ايندي ۽ ماڻهو کي روزگار جا موقعا ميسر ايندا، پنجاب حڪومت تعميراتي ڪم جي حوالي سان مليل درخواستن کي مروج قانون موجب جلد منظور ڪري ۽ تعميراتي شعبي با??ت مسئلا فوري حل ڪيا وڃن، اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ با??ت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جو موسمياتي تبديلي با??ت خصوصي صلاحڪار ملڪ امين اسلم، سڌارن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، سياسي رابطن لاءِ وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار شهباز گ??، وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽرين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر اجلاس کي آگاهه ڪيو ته بئنڪن پاران نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تحت گهرن جي تعمير لاءِ ??رض حاصل ڪرڻ ۾ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي.