GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

!!ٽنڊي آدم جي سَجي ۽ دُنيا جا بادشاهه

image

عاشق حسين ساند

سنڌ جي ثقافتي ۽ سياحتي شهر ٽنڊوآدم جي هنجورڻ ڍنڍ جي ڪناري قائم قديمي پاڙي جمن شاهه جتي جو هڪ ئي خاندان 7 پيڙهين لڳ ڀڳ 200 سالن کان پڪل ران (سجي) جو ڪاروبار ڪري دنيا ۾ نالو ڪمايو آهي، ٽنڊوآدم جي سجي جيڪا دنيا ۾ پنهنجي بهترين ذائقي سبب وڏي شوق سان کاڌي وڃي ٿي،

ان جو ڪاروبار ٽنڊوآدم جو هڪ ئي خاصخيلي خاندان ڪري رهيو آهي. 75 سال جي ڄمار رکندڙ سجي جو ڪاروبار ڪندڙ ماما غلام رسول خاصخيلي ۽ انور علي خاصخيلي ٻڌايو ته هو پنهنجي پڙ ڏاڏي کان وٺي اهو ڌنڌو ڪري رهيا آهن.

غلام رسول ٻڌايو ته 7 پيڙهين ۽ لڳ ڀڳ 200 سالن کان سندس خاندان ان ڪاروبار سان واڳيل آهي، هن ٻڌايو ته هو پاڻ جڏهن ٻاروتڻ جي عمر ۾ هو ته ان وقت اها پڪل ران چار آنا وڪرو ٿيندي هئي، جڏهن ته هاڻي ان جو اگهه وڌندي وڌندي وڃي 1800 رپين کان 2000 رپين تائين پهتو آهي ۽ ان جو وزن سوا ڪلو کان ڏيڍ ڪلو تائين هجي ٿو جڏهن ته هن جي وڏن ان ڪم جي شروعات پنهنجي مرشد غوث بهاءُالحق جي گادي نشين جي چوڻ تي ڪئي. هن ٻڌايو ته هو جيڪا ران تيار ڪن ٿا اها نه رڳو سنڌ پر هندستان، ايران، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب اماراتن سميت نار جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ يورپي ملڪن ڏانهن پڻ وڏي شوق سان گهرائي وڃي ٿي. هن ٻڌايو ته سندس جواني واري عمر ۾ سعودي جي اڳوڻي بادشاهه شاهه فيصل سميت ڪيترائي عرب شهزادا پڻ اها ران گهرائيندا رهيا آهن، جڏهن ته اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ هنن جي تيار ڪيل ران وڏي انگ ۾ گهرائي وئي هئي. جڏهن ته صدر ايوب خان به هڪ ڀيرو اها ران کائن بعد ڪيترائي ڀيرا اها ران کاڌي ۽ کين اعزازي سرٽيفڪيٽ سان پڻ نوازيو هو. جڏهن ته سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڄام صادق علي خان جي فرزند ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مرحوم ڄام معشوق علي خان جي شادي جي موقعي تي پڻ هزارن جي انگ ۾ اهي رانون گهرايون ويون هيون. ران جي تياري جي حوالي سان ٻڌائيندي غلام رسول خاصخيلي ٻڌايو ته سڀ کان اڳ ڇيلي (ٻڪر) جي چونڊ ڪئي ويندي آهي ۽ 7 کان 8 ڪلو ۽ 5 کان 6 مهينن جي عمر واري ٻڪر کي ذبح ڪري ان مان ران تيار ڪئي وڃي ٿي ۽ ان سڄي ڇيلي مان 2 رانون (پويون ٽنگُون)، 2 دستيون (اڳيون ٽنگُون) ۽ هڪ ڪمر پچائي وڃي ٿي. ران جي تياري لاءِ سڀ کان پهرئين سڪل ڪاٺين جي باهه ٻاري وڃي ٿي ۽ ڪچي ران کي بهتر نموني ڌوئي ان کي لوڻ هڻي ۽ 3 کان 4 ڪلاڪ پاڻي ۾ رکيو ويندو آهي ته جيئن اها لوڻ جذب ڪري وٺي. جنهن بعد ان کي تيل جو ڇنڊو هڻي چهنبدار ڪاٺي ۾ هڻي ٻريل باهه جي ويجهو پچڻ لاءِ رکيو ويندو آهي ۽ شروعاتي پچڻ لاءِ ان کي 3 کان 4 ڪلاڪن تائين ان ئي باهه جي تپش تي رکيو ويندو آهي جنهن بعد ان کي گيهه هڻي ٽانڊن جي تپش تي آخري مرحلي تحت پچايو ويندو آهي ۽ ان دوران ران کي ڇري سان چهڪ ڏئي ان تي ٻه ڀيرا گيهه جو ليپ ۽ مصالحو هنيو ويندو آهي پر جي ان سموري مرحلي ۾ تڪڙ کان ڪم ورتو ويو ته ان جي سواد ۾ گهٽتائي اچي ويندي ۽ جي اها ران سچي گيهه ۾ تيار ڪئي وڃي ته ان جو ذائقو اڃا به وڌيڪ ٿي وڃي ٿو. هن ٻڌايو ته ران ۾ استعمال ٿيندڙ مصالحو هو پاڻ تيار ڪندا آهن ۽ ان ۾ ڏاڙهون، دال چيني، ڪارا مرچ، ڦوٽا، اڇو جيرو، ڪارو جيرو ۽ ٻيو سامان استعمال ڪيو وڃي ٿو. هن ٻڌايو ته ران پچڻ بعد ان کي ڪٽي ان تي ليمون هڻي کائيندڙ جي اڳيان رکي وڃي ٿي ۽ اها ڏهي جي رائتي سان وڌيڪ مزو ڏيندي آهي

جڏهن ته جي وري ٻاهر اماڻيندا آهيون ته ان کي پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۽ ڪلي ۾ پيڪ ڪيو ويندو آهي ته جيئان اها ڪافي ڪلاڪن تائين گرم رهي ۽ خاص طور تي 5 ڪلاڪن تائين اها پنهنجو مزو برقرار رکندي آهي. جڏهن ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪيترائي ماڻهون قرباني جي جانورن جو رانون کڻي ايندا آهن جيڪي اسان انهن کي مناسب اجوري تي پچائي ڏيندا آهيون. هن ٻڌايو ته دنيا ۾ تمام گهڻو مشهوري ملڻ بعد ملڪ جي ڪيترين ئي ناليوارين هوٽلن اسان کي پاڻ وٽ ڪم ڪرڻ لاءِ آڇون ڪيون پر اسان هميشه اهي آڇون ٺڪرائي ڇڏيون. هن ٻڌايو ته ڏينهون ڏينهن مهانگائي سبب هاڻي ان ڪاروبار ۾ به مزو ناهي رهيو ڪمايون ٿا ۽ کائون ٿا هاڻي ان مان بچت سوچڻ وقت وڃائڻ برابر آهي.

مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada